ڪوٽڙي ۾ ٻولهاڙي اتحاد ۽ سِول سوسائٽيءَ جي سڏ تي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڌرڻو هنيو ويو آهي.
اديبن، استادن ۽ سماجي ڪارڪنن سميت شهرين پاران ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ ريلي ڪڍي ايس ايس پي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي.
ان موقعي اڳواڻن يوسف سارنگ، غلام رسول غرق، اعجاز سومرو۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ لکين افغانين جي آبادڪاري سنڌ جي امن، تھذيب، تاريخي روايتن ۽ سنڌين جي قومي وجود لاءِ خطرو آهي، سنڌ مان افغانين جي نيڪالي لاءِ اثرائتا قدم نه پيا کنيا وڃن.
احتجاج ڪندڙ نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي سڌي قوم جي وجود کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.