ورلڊ ڪپ ۾ روايتي مخالف اٺون ڀيرو دوبدو، ڇا پاڪستان، ڀارت کي هارائي سگهندو؟

احمد آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون سڀاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيڊيم ۾ عالمي ڪپ جي سڀ کان اهم ميچ ۾ آمهون سامهون هونديون، ان ميچ ۾ ڪاميابي فاتح ٽيم کي پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ پوزيشن تي پهچائي ڇڏيندي.

هينئر تائين عالمي ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون ٻه، ٻه ميچون کٽي چار چار پوائنٽ حاصل ڪري چڪيون آهن، احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ميچ کان اڳ رنگا رنگ تقريب ٿيندي جنهن ۾ ڪيئي فنڪار فن جا جوهر ڏيکاريندا.

ميگا ايونٽ ۾ ڀارت کي پاڪستان خلاف ناقابلِ شڪست رڪارڊ سبب سرسي حاصل هوندي، هن ورلڊ ڪپ کان اڳ پاڪستان ۽ ڀارت ست ڀيرا آمهون سامهون آيا آهن ۽ ست ئي ڀيرا ڀارتي ٽيم فاتح رهي آهي.

ڪرڪيٽ تجزئي نگارن جي خيال ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن تي دٻاءُ هوندو ۽ فيلڊ ۾ جيڪا ٽيم پنهنجي اعصابن تي قابو پائڻ ۾ ڪامياب رهندي اِها ميچ پنهنجي نالي ڪري وٺندي.

آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم ڀارت کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي پر ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ گرين شرٽس پنهنجي پهرين فتح جي ڳولا ۾ آهي.

ماضيءَ ۾ جڏهن به پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ميگا ايونٽ ۾ آمهون سامهون ٿين ته ڪو نه ڪو يادگار واقعو ضرورر پيش آيو، مداح پراميد آهن ته هن ڀيري ٿيندڙ مقابلو به يادگار بڻجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.