اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غير قانوني ۽ سمگل ٿيل سگريٽ جي وڪري ۾ واڌ سبب هلندڙ مالي سال ٽيڪس روينيو ۾ 300 ارب رپين جي نقصان جو خدشو آهي.
پاڪستان تمباڪو ڪمپني (پي ٽي سي) جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ غير قانوني ۽ سمگل ٿيل سگريٽ جي وڪري ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي، جنهن سبب قانوني تمباڪو سيڪٽر جي ڪاروبار مان 11 ارب کان وڌيڪ جا سگريٽ گهٽ ٿي ويندا.
رپورٽ موجب گذريل سال غير قانوني ۽ سمگل ٿيل سگريٽ جي وڪري سان 242 اربن جو نقصان ٿيو هو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ٽيڪس روينيو ۾ 300 ارب رپين جي نقصان جو خدشو آهي.
پي ٽي سي جي دستاويز موجب ملڪ ۾ غير قانوني سگريٽ جو مارڪيٽ شيئر 63 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جڏهن ته 13 سيڪڙو سمگل ٿيل سگريٽ مارڪيٽ ۾ دستياب آهن.
پاڪستان تمباڪو ڪمپني موجب سگريٽن تي ايف اي ڊي ۾ واڌ سان غير قانوني سگريٽ جي وڪري ۾ واڌ ٿي، سمگل ۽ غير قانوني سگريٽن جي وڪري تي حڪومتي ايڪشن نه هجڻ برابر آهي، جنهن سبب قانوني تمباڪو سيڪٽر جي ڪاروبار مان 11 اربن کان وڌيڪ جا سگريٽ گهٽجي ويندا، جڏهن ته 2023 دوران قانوني سيڪٽر جي ڪاٿي ۾ 55 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.
You might also like