ماضي جو مشهور اداڪار بيروزگار، ڪم جي ڳولا ۾

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ ”انداز اپنا اپنا“ ۽ ”قلي نمبر 1“ جهڙين ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري ذريعي سڀ کان کِلائيندڙ سينيئر اداڪار ٽيڪو تلسانيا هن وقت بيروزگار آهي ۽ کيس ڪم جي ڳولا آهي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سينيئر اداڪار ٽيڪو تلسانيا ماضي کي ياد ڪندي چيو ته اهو وقت هليو ويو جڏهن ڪيبري ڊانس سان گڏ فارمولا فلمون هونديون هيون، ٻه محبت جا گيت ۽ ڪاميڊين ايندا هئا ۽ پنهنجو ڪم ڪندا هئا ۽ هليا ويندا هئا، هاڻي سڀ ڪجهه تبديل ٿي ويو آهي.
هن چيو ته هاڻي ڪم ڪهاڻي تي ٻڌجي ويو آهي، آئون هن وقت بيروزگار آهيان، ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو پر مون کي صحيح قسم جا ڪردار ناهن ملي رهيا.
سينيئر اداڪار جو چوڻ هو ته آئون ماڻهن جو ڪال جو انتظار ڪري رهيو آهيان، آئون ماڻهن کي پنهنجا جذبا به ٻڌائي رهيو آهيان آئون هڪ اداڪار آهيان ۽ ڪم ڳولي رهيو آهيان ان ڪري جيڪڏهن منهنجي لائق ڪو ڪردار آهي ته ان کي پسند ڪندس.
واضح رهي ته اداڪار ٽيڪو تلسانيا بول راڌا بول، ڪڀي هان ڪڀي نان، هم هين راهي پيار ڪي، بڙي ميان ڇوٽي ميا ۽ ڌمال جهڙين بالي ووڊ جي مشهور فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.