آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاران موهن جي دڙي جو دورو ڪيو ويو آهي.
ان موقعي تي هن مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثرات به لکيا.
هن لکيو ته مان پاڪستان ۾ اچڻ کان ئي موهن جي دڙي جو خواهشمند هيس ۽ هتي اچي بي حد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هي هزارين سال قديم تهذيب آهي ۽ اهو واقعي هڪ اعزاز آهي. هن چيو ته هو سنڌ جي ثقافت کاتي جو ٿورائتو آهي جن کيس دورو ڪرڻ لاءِ سهولتون ڏنيون.
آمريڪي سفير موهن جي دڙي جي مختلف ماڳن، ڊي ڪي ايريا، اسٽوپا، گريٽ باٿ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو جتي کيس بريفنگ پڻ ڏني وئي.
ان موقعي تي هن شاندار قديم تهذيب جي واکاڻ ڪئي.