پاسپورٽ ٺهرائيندڙن لاءِ سٺي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊي جي پاسپورٽ جو چوڻ آهي ته پاسپورٽ لاءِ ليمينيشن پيپر ڇنڇر تائين پاڪستان پهچڻ جا امڪان آهن.
پاسپورٽ جي ڇپائي جي معاملي تي گهرو وزير سرفراز بگٽي ڊي جي پاسپورٽ سان رابطو ڪيو ۽ پاسپورٽ جي ڇپائي جو معاملو فوري طور حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ڊي جي پاسپورٽ خاطري ڪرائي ته هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن، پاسپورٽ لاءِ ليمينيشن پيپر ڇنڇر تائين پاڪستان پهچڻ جا امڪان آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي کان پاسپورٽ جي تياري جو ڪم شروع ٿيندو.
واضح رهي ته ملڪ ۾ ليمينيشن پيپر ختم ٿيڻ سبب پاسپورٽ جي ڇپائي جو ڪم بند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.