اسرائيلي فوج کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينداسين: حماس جو اعلان

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس جي فوجي ترجمان ابو عبيده اسرائيل کي وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن اسرائيل زميني حملا ڪيا ته ان جي فوج کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏينداسين.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي فوجي ترجمان اسرائيل تي حملن جي وڊيو جاري ڪندي دعويٰ ڪئي ته جنگ جي شروعات تي ئي اسرائيلي فوج جو غزا ڊويزن تباهه ڪري ڇڏيو هو.
هن چيو ته اسان آپريشن لاءِ ڳجهي تياري ڪئي هئي، آپريشن ۾ اميد کان وڌيڪ ڪاميابي ملي آهي، بيت المقدس جي تحفظ لاءِ اهڙيون وڌيڪ ڪارروائيون جاري رکنداسين.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا، فرانس ۽ ٻين ملڪن جا شهري اسرائيلي فوج جون ورديون پائي جنگ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جن ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو آهي، انهن ۾ ڪيترائي ئي آمريڪي ۽ فرانسيسي شهري نڪتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.