ٻن سالن جي ڊگري پروگرام جي حوالي سان اهم خبر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي اعليٰ تعليم واري کاتي سرڪاري ڪاليجن ۾ ٻن سالن جو ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ 4 سالن جي پروگرام ۾ داخلا ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
اعليٰ تعليم جي کاتي طرفان سرڪاري ڪاليجن ۾ ٻن سالن جو ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام ختم ڪرڻ ۽ سڀني سرڪاري ڪاليجن ۾ 4 سالن جو بي ايس پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سرڪاري ڪاليجن جي انتظاميا کي ايسوسيئيٽ ڊگري ڪورسن ۾ داخلا بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي هلندڙ سال رڳو بي ايس ۾ داخلا ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڪجهه سال اڳ بي اي ختم ڪرڻ تي بي ايس سان گڏ ايسوسيئيٽ ڊگري شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، ڪاليجن ۾ فيڪلٽي، انفرا اسٽرڪچر، ليبارٽريز جي عدم موجودگي سبب فيصلي ۾ ٻه ڀيرا واڌ ڪئي وئي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ اڳ کان داخل شاگرد پنهنجي تعليم جاري رکي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.