” نه کاڌو نه ئي پاڻي“ درد جا داستان ٻڌائيندڙ فلسطيني صحافي اسرائيلي بمباري ۾ شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ ) غزا ۾ اسرائيلي بمباري جي وڊيو ٺاهيندي فلسطيني صحافي محمد شهباز جي گهر تي بم ڪِري پيو ۽ هو شهيد ٿي ويو.

سوشل ميڊيا تي فلسطيني صحافي محمد شهاب جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جيڪا هن پنهنجي شهادت کان اڳ ٺاهي.

وڊيو دوران هو غزا جي صورتحال بابت اَپ ڊيٽ ڪري رهيو آهي ۽ پسمنظر ۾ اسرائيلي بمباري جو آواز پڻ اچي رهيو آهي.

ان دوران هڪ اسرائيلي ميزائل سندس گهر مٿان ڪِري ٿو ۽ هو شهيد ٿي وڃي ٿو.

پنهنجي آخري وڊيو ۾ شهيد صحافي ٻڌايو ته اِها سندس زندگي جي آخري وڊيو ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ منهنجو سموري دنيا لاءِ پيغام آهي ته اسرائيل طرفان اسان جو کاڌو، پيتو ۽ بجلي سڀ بند ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اسان پنهنجا گهر به نٿا ڇڏي سگهون ڇو ته هو ( اسرائيلي فوج ) اسان کي گهر جي اندر ۽ ٻار ماري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.