فوج کي خاص مقصد لاءِ ڏنل جاءِ تي شاپنگ مال ڇو ٺهي رهيا آهن؟ چيف جسٽس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ڪنٽونمينٽ بورڊ طرفان پروفيشنل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي ڪنٽونمينٽ بورڊ ڪراچي جون اپيلون خارج ڪري ڇڏيون ۽ پروفيشنل مد ۾ وصول ٽيڪس واپس ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪنٽونمينٽ بورڊ طرفان ٽيڪس جي وصولي جمهوريت ۽ شفافيت جي ابتڙ آهي.
هن چيو ته ڪنٽونمينٽ جي جاءِ فوج کي خاص مقصد لاءِ ڏني وئي آهي، ان ۾ شاپنگ مال ڇو ٺهي رهيا آهن؟ ڪنٽونمينٽ ۾ ڪمرشل سرگرمي ڪٿي ختم ٿيندي آهي خبر ناهي، ملڪي ادارا پنهنجي حدن ۾ اچي رهيا آهن، اميد ته ٻيا ادارا به ائين ئي ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.