اولهه ۽ آمريڪا جو حمايت يافته اسرائيل پاڻ هڪ دهشتگرد آهي: مهاتير محمد

ڪوالالمپور (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد چيو آهي ته اسرائيل دهشتگرد آهي، جيڪو ڪنهن به پڇتاوي بنا فلسطينين سان ظلم ڪري رهيو آهي.
ملائيشيا ۾ هزارين شهرين جمعي ڏينهن ڪوالالمپور جي قومي مسجد ۽ سڄي ملڪ جي ٻين مسجدن ۾ اسرائيل خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون.
اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد سميت ٻين اڳواڻن قومي مسجد ۾ هجوم سان خطاب ڪيو.
مهاتير محمد چيو ته حماس کي دهشتگرد چوندڙ اسرائيل پاڻ هڪ دهشتگرد آهي، جيڪو ورهين کان فلسطينين جو رت وهائي رهيو آهي ۽ ان کي اولهه ۽ آمريڪا جي حمايت حاصل آهي.
هن چيو ته مظلوم فلسطينين جي قتل عام تي اولهه جي خاموشي ڳڻتي جوڳي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.