ڀارت ۾ ڪشميرين جي حق ۾ آواز اُٿارڻ ڏوهه، ارون ڌتي راءِ خلاف ڪارروائي جي منظوري

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) دهليءَ جي ليفٽيننٽ گورنر (ايل جي) وي ڪي سڪسينا ’بُڪر ايوارڊ‘ ماڻيندڙ ليکڪا، صحافي ۽ انساني حقن جي متحرڪ ڪارڪن، ارون ڌتي راءِ جي خلاف اڱاري ڏينهن ڪيس هلائڻ جي منظوري ڏني آهي. مٿس الزام آهي ته هن آڪٽوبر 2010ع ۾ نئين دهليءَ ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ”چڙڏياريندڙ“ تقرير ڪئي هئي.

آمريڪي خابرو اداري موجب، ليفٽيننٽ گورنر ڪشمير يونيورسٽيءَ جي هڪ اڳوڻي پروفيسر شيخ شوڪت حسين جي خلاف به ڪيس هلائڻ جي منظوري ڏني آهي، اِها عدالتي ڪارروائي ڀارت جي قانوني ضابطن جي قلمن 153 اي، 153 بي ۽ 505 هيٺ هلائي ويندي.

هن چيو ته ارون ڌتي راءِ ۽ شوڪت حسين جي خلاف ذڪر ڪيل قلمن هيٺ ڪارروائي جو معاملو ٺهي ٿو، انهن قلمن جو تعلق نفرت تي ٻڌل تقرير ۽ ٻن ڌرين ۾ دشمني پيدا ڪرڻ سان آهي، جنهن تحت ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي اجازت گهربل هوندي آهي.

والاريل ڪشمير سان واسطو رکندڙ انساني حقن جي هڪ ڪارڪن سشيل پنڊت 18 آڪٽوبر 2010ع  تي ارون ڌتي راءِ ۽ شوڪت حسين جي خلاف رپورٽ داخل ڪرائي هئي جنهن جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.

هن الزام مڙهيو هو ته 21 آڪٽوبر 2010ع تي سياسي قيدين جي آزاديءَ بابت متعلق ڪاميٽيءَ جي پاران ’آزادي اڪيلو رستو’ عنوان تي منعقد ٿيڻ واري ان ڪانفرنس ۾ ”چڙ ڏياريندڙ“ تقريرون ڪيون ويون هيون.

هن اهو به چيو هو ته ان ڪانفرنس ۾ ڪشمير کي ڀارت کان جدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ڪشمير جي آزادي پسند اڳواڻ، سيد علي شاهه گيلاني ۽ دهلي يونيورسٽيءَ جي هڪ پروفيسر سيد عبدالرحمان گيلانيءَ جا نالا به شامل هئا، ٻئي گذاري ويا آهن.

ياد رهي ته دهلي مڪمل رياست ناهي. اها مرڪزي حڪومت جي انتظام هيٺ علائقو آهي. ليفٽننٽ گورنر صدر جو نمائندو آهي. سندس عام آدمي پارٽيءَ جي چونڊيل حڪومت سان ڪو تعلق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.