توهان سڀ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي پهچو: مريم نواز جو سانگهڙ واسين کي پيغام

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عوام ڄاڻي چڪو آهي ته نواز شريف وزيراعظم بڻجندو ته ملڪ ۽ انهن جو گهر به هلندو.
سانگهڙ ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر تي اسان پنهنجي قائد جي آجيان ڪنداسين، توهان سڀ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي مينارِ پاڪستان پهچو.
هن چيو ته نواز شريف جي اچڻ سان ترقي جو دور ٻيهر شروع ٿيندو، سنڌ جي بدحالي ڏسي دل کي تڪليف پهچندي آهي، سٺيون اسپتالون، سٺا روڊ ۽ موٽر ويز سنڌ جي عوام جي حق آهي.
سندس چوڻ هو نواز شريف کي ووٽ ڏيو ته اسان سنڌ مان به گهڻيون سيٽون کڻنداسين، مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ نواز شريف کانسواءِ سڀ نااهل ثابت ٿيا، هاڻ هو اچي رهيو آهي، مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو حل کڻي اچي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.