پاڪستان جي بيٽنگ مضبوط، بالنگ ڪمزور آهي: ڪپل ديو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ڪپل ديو چيو آهي ته پاڪستان جي بيٽنگ مضبوظ ۽ بالنگ ٿوري ڪمزور لڳي رهي آهي.

ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل يعني پاڪ-ڀارت ميچ بابت نجي ٽي وي سان گفتگو ڪندي ڪپل ديو چيو ته احمد آباد جي وڪيٽ سدائين اسپنرن لاءِ مددگار رهي آهي، امڪان آهي ته ڀارتي ٽيم ٽن اسپنرن سان ميدان تي لهندي.

هن چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ مضبوط ۽ بالنگ ڪجهه ڪمزور لڳي رهي آهي.

هن چيو ته پهريون ڀيرو ٻڌڻ ۾ سٺو لڳي رهيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بيٽنگ ذريعي ميچ کٽي سگهي ٿو.

ڪپل ديو اِهو به چيوته ورلڊ ڪپ 2023ع ۾ ڪجهه ٽي ٽوئنٽي جهڙو ماحول لڳي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.