لوهه کانپوءِ سيمينٽ به سستو ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر سستو ٿيڻ ۽ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب سيمينٽ جا اگهه به ڪِري پيا.
پاڪستاني رپيو مضبوط ٿيڻ، پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ٿيڻ کانپوءِ سيمينٽ جي اگهن ۾ به لاٿ سامهون آئي آهي.
رپورٽن موجب سيمينٽ جي ٻوري جي قيمت ۾ 50 رپين تائين لاٿ آئي آهي، سيمينٽ جي ٻوري جو ريٽ 1210 رپين مان ڪِري 1160 رپيا تي اچي ويو آهي.
سيمينٽ جي ڪاروبار سان جڙيل واپارين جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ جيڪڏهن وڌيڪ لاٿ ٿي ته سيمينٽ جي ٻوري به وڌيڪ سستي ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته 15 آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ به لاٿ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.