اسرائيل سان جنگ: حماس اڳواڻ جو فضل الرحمان سان اهم رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي اڳواڻ ابو الوليد خالد مشعل جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
جي يو آءِ (ف) جي ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان موجب ابو الوليد خالد مشعل، فضل الرحمان کي اسرائيل سان جنگ جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ”طوفان اقصيٰ ڏهاڙو“ ملهائڻ تي سندس ٿورا مڃيا.
ان موقعي تي فضل الرحمان چيو ته فلسطيني مسلمانن جي تڪليف محسوس ڪيون ٿا، پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.
جي يو آءِ سربراهه مطالبو ڪيو ته انساني حقن جون تنظيمون اسرائيل جي وحشياڻي قدمن جو نوٽيس وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.