بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي ته فلسطينين سان ناانصافي ٿي رهي آهي.
بيجنگ ۾ گفتگو ڪندي وانگ چيو ته اسرائي ۽ حماس تڪرار سبب فلسطينين سان ”تاريخي ناانصافي“ ٿي رهي آهي.
هن چيو حقيقت اها آهي ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي درست نه ڪيو ويو آهي، چين جي وڌندڙ ڇڪتاڻ تي نظر آهي، تڪرار سبب عام شهرين جي مارجڻ تي ڏک آهي.
بيان ۾ چيني پرڏيهي وزير شهرين کي نقصان پهچائيندڙ ڪارروائين جي مخالفت ۽ مذمت ڪندي چيو ته چين تڪرار ۾ واڌ ۽ خطي ۾ عدم استحڪام جي مخالفت ڪري ٿو.
Next Post
You might also like