اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڊالر جو اگهه گهٽجڻ ۽ رپئي جي قدر ۾ واڌ سبب مختلف شين جي اگهن ۾ به واضح طور تي لاٿ ٿي چڪي آهي، ان عرصي ۾ گيهه جي في ڪلو اگهه ۾ به 80 رپين تائين لاٿ ٿي چڪي آهي.
گيهه جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو هڪ سبب ملائيشيا ۽ انڊونيشيا مان گيهه جي تياري لاءِ درآمد ڪئي ويندڙ ڪچي مال جي قيمت ۾ 110 ڊالر في ٽن لاٿ آهي.
ان حوالي سان راولپنڊي راجا بازار ۾ گيهه جو ڪاروبار ڪندڙ سفيان شيخ ٻڌايو ته حڪومت جي ڊالر جي ذخيري اندوزن خلاف ڪارروائين سبب ڊالر جو اگهه مسلسل گهٽجي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي ته مختلف برانڊن جو گيهه به 70 کان 80 رپيا في ڪلو سستو ٿي ويو آهي پر ڊالڊا جهڙن وڏن برانڊن رڳو 20 کان 30 رپيا في ڪلو گهٽٽائي ڪئي آهي.
هن چيو ته تازي لاٿ کانپوءِ في ڪلو گيهه جي قيمت 350 کان 360 رپيا ٿي وئي آهي، آخري ڀيرو 2020 ۽ 2021 جي منڍ ۾ گيهه جي قيمت 350 رپيا في ڪلو ٿي هئي.
سندس چوڻ هو ته گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل تيار ڪرڻ لاءِ ڪچو مال ملائيشيا ۽ انڊونيشيا مان درآمد ڪيو ويندو آهي، انهن ملڪن ۾ تيل جي اگهن ۾ وڏي لاٿ ٿي آهي، ان جي ڪري ئي پاڪستان ۾ به اگهه گهٽيا آهن، جڏهن ته مشهور برانڊن کي به انهن ريٽن ۾ مناسب گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، جيڪا هو ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي عهديدار ٻڌايو ته جيڪڏهن ڊالر جو اگهه گهٽجندو رهيو ته گيهه وڌيڪ 10 کان 20 رپيا سستو ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ کاڄرو تيل جي قيمت 960 ڊالر في ٽن هئي، جيڪا هڪ مهيني ۾ گهٽجي 850 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته گيهه ۽ تيل جا ايڪس ميل ريٽ گهٽجي چڪا آهن پر هول سيل ۽ ريٽيل مارڪيٽ ۾ اڃا اگهن ۾ مڪمل لاٿ ناهي ٿي سگهي.
You might also like