ڀارت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج ڪير؟ روي شاستري خبردار ڪري ڇڏيو

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر روي شاستري پاڪ-ڀارت ميچ ۾ اهم رانديگرن جي چونڊيا آهن جن وچ ۾ وڏو مقابلو هوندو.
هن چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ اصل مقابلو شاهين شاهه ۽ ڀارتي اوپنرن جو هوندو، اوپنر شاهين کي منهن ڏئي ويا ته ڀارت لاءِ مقابلو سولو ٿي ويندو.
اڳوڻي ڀارتي ڪوچ چيو ته ڀارت لاءِ روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي جو ڪردار اهم هوندو جيڪڏهن و ٻئي هلي پيا ۽ ڪنهن هڪ سينچري اسڪور ڪري وڌي اسڪور ٽي سئو کان ٽپي ويندو.
سندس چوڻ هو ته اهڙي طرح پاڪستان ڏانهن نظر ڊوڙائي وڃي ته ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان جي وڪيٽ اهم هوندي.
روي شاستري وڌيڪ چيو ته ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن تي دٻاءُ هوندو، جڏهن ته ميچ لاءِ ڀارت وڌيڪ مضبوط ۽ فيورٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.