سون مسلسل ٻئي ڏينهن به سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ مسلسل ٻئي ڏينهن سون سستو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 100 رپيا گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 97 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جو قدر 89 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 68 هزار 981 رپيا ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 7 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ هڪ هزار 892 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.