گهٽين ۽ بازارن ۾ سِمن جي وڪري تي پابندي، قلم 144 لاڳو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ضلعي ۾ گهٽين ۽ بازارن ۾ سم ڪارڊن جي وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ انتظاميا چيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.
پشاور جي ضلعي انتظاميا گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪائونٽرن تي موبائل سم ڪارڊن جي وڪري تي پابندي هڻندي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.
ضلعي انتظاميا جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽين ۽ بازارن ۾ ڪائونٽرن تي موبائل سمون وڪرو ٿي رهيون آهن، سمن جي وڪري جو اهو طريقي ڪار غير قانوني آهي، قانوني اجازت نامي بنا سم وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي پئي وڃي.
پڌرائيءَ موجب سمن جو وڪرو رڳو رجسٽرڊ فرنچائز مان ئي ٿي سگهي ٿو ۽ ڀڃڪڙي تي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.