احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارتي رانديگر عالمي ڪپ جي مها ٽاڪري لاءِ پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا سان گفتگو ڪندي اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وڇ ۾ ڪرڪيٽ چئلينجنگ هوندي آهي، ڪا به خاص تياري ناهي ڪرڻي پوندي بس ميچ واري ڏينهن سٺو پرفارم ڪرڻو پوندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان خلاف کيڏڻ لاءِ اوهان کي پنهنجي بهترين ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، اسان جي مقابلي لاءِ تياري مڪمل آهي، پنهنجي راند جي حڪمت عملي تبديل ناهي ڪرڻي.
ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ هو ڪجهه به هارائيندو نه پيو ڏسي، سڀ کٽيندي نظر اچي رهيو آهي، پاڪستان خلاف ميچ جو تجربو اهڙو تجربو پهريان ڪڏهن ڪنهن حاصل نه ڪيو هوندو.
سندس چوڻ هوته ان ميچ جا احساس ڪنهن خواب کان گهٽ ناهن هوندا، دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ بهترين ميدان تي پاڪ-ڀارت ميچ کيڏڻ جو موقعو ملي رهيو آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽر ڪي ايل راهول جو چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ جذبو سدائين رهندو، پاڪستان پنهنجي سرزمين تي پهريون ڀيرو کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان.
ٻئي پاسي پاڪستاني ڪپتان بابراعظم چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ئي ائين ڏسڻ لاءِ ملندو آهي، جنهن ۾ لطف ماڻڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ جو دٻاءُ برداشت ڪري چڪا آهيون، دٻاءُ ۾ کيڏڻ سکي ويا آهيون.
پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين آفريدي چيو ته دٻاءُ صرف پاڪستان تي نه پر ڀارت تي به هوندو، اميد آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي احمد آباد ۾ به سپورٽ ملندي .
فاسٽ بالر چيو ته هوم ڪرائوڊ سبب هوم ٽيم کي تمام گهڻو اعتماد ملندو آهي پر ڪنهن ٽيم کي سندس هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ جو مزو ئي الڳ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ گذريل ڊگهي عرصي کان سٺو پرفارم ڪيو آهي، ڀارت خلاف به ڀرپور تياري ڪئي آهي.
You might also like