سڊني ( ويب ڊيسڪ ) گذريل ڏينهن لکنئو ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا هٿان آسٽريليا جي بدترين شڪست تي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مارڪ ٽيلر ۽ مائيڪل ڪلارڪ پنهنجي ئي ٽيم تي ڪڙڪي پيا.
اڳوڻن آسٽريلوي ڪپتانن ورلڊ ڪپ جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ شڪست تي ڪيئي سوال اُٿاري ڇڏيا.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي حڪمت عملي ۽ سليڪشن سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪينگروز عالمي ڪپ لاءِ ڀوائتي تياري ڪئي آهي.
مائيڪل ڪلارڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايليڪس ڪيري جي جاءِ تي جوش انگلس کيڏائڻ حيران ڪندڙ هو، ڇا ڀارت خلاف شڪست جو ذميوار ايليڪس ڪيري هو؟ .
اڳوڻي ڪينگروز ڪپتان چيو ته هو جوش انگلس جي بي قدري ناهي ڪري رهيو کيس نٿو سڃاڻان پر ٻڌو آهي ته هو باصلاحيت آهي، جوش انگلس وڪيٽن پٺيان سٺو آپشن نه هو بيٽنگ به نه ڪري سگهيو.
هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان طور پيٽ ڪمنز کي بهتر سمجهان ٿو، مون سندس لاءِ ويڙهه ڪئي آهي پر منجهس ڪجهه خاميون نظر اچي رهيون آهن.
ٻئي پاسي مارڪ ٽيلر جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جي حڪمت عملي جارحاڻي ناهي رهي، آسٽريليا موقعي جو انتظار ڪري رهيو آهي موقعو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ناهي ڪري رهيو.
هن چيو ته فيلڊر به ميدنا ۾ اُهو ڪم ناهن ڪري رهيا جنهن سان راند جو پاسو پٽي سگهجي، ايشين ڪنڊيشن ۾ اوهان کي بيٽرز کي آئوٽ ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي جيڪڏهن اوهان جي اپروچ دفاعي هوندي، جيترو بائونڊريز بچائڻ جو سوچندا ايتريون بائونڊريز لڳنديون.