عالمي ڪپ جو مها دنگل، احمد آباد جي موسم ۽ پِچ بابت اهم اَپ ڊيٽ

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت هاءِ وولٽيج ٽاڪري واري ڏينهن سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب، ڇنڇري واري ڏينهن گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، احمد آباد ميچ واري ڏينهن گرمي پد 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ واري ڏينهن سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم احمد آباد جي پچ تي بيٽرز حاوي هوندا، دنيا جي سڀ کان وڏي ميدان جي پچ تي ويجهڙ ۾ ٿيل ميچن ۾ بيٽرز جو راڄ رهيو آهي ۽ 14 آڪٽوبر واري پاڪ-ڀارت مقابلي لاءِ به بيٽنگ وڪيٽ تيار ڪئي ويندي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته احمد آباد ۾ ميچ جي شروعات ۾ فاسٽ بالرز کي اضافي بائونس ۽ سوئنگ ملندي، مڊل اوورز ۾ اسپنرن کي مدد ملڻ جي اميد آهي جڏهن ته مجموعي طور بيٽرز آساني سان پنهنجا شارٽس کيڏي سگهندا.

ياد رهي ته عالمي ڪپ جي افتتاحي ميچ احمد آباد ۾ کيڏي وئي هئي جتي بيٽرز رنسن جا انبار لڳائي ڇڏيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.