پراڻا قصا ياد ناهن، ڀارت کي مات ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بابر اعظم

احمد آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ چئيلنجنگ هوندي آهي، ميچ ۾ٽاس جو اهم ڪردار هوندو ۽ رات ۾ ماڪَ پوڻ سبب فلڊ لائيٽس ۾ بيٽنگ آسان هوندي.

احمد آباد ۾ پاڪ – ڀارت ٽاڪري کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم چيو ته ماضي ۾ جيڪو ٿيو ان تي ڌيان ناهي، جيڪو حال ۾ ٿيو ان تي فوڪس آهي، ڀارت خلاف ميچ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

پاڪستان جي بالنگ لائين تي ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته نسيم شاهه ايشيا ڪپ ۾ متاثر ڪندڙ بالنگ ڪئي عالمي ڪپ ۾ سندس کوٽ محسوس ٿي رهي آهي.

هن چيو ته شاهين تي يقين آهي هو وڏين ميچن جو بالر آهي، هڪ ٻن ميچن ۾ڪارڪردگي هيٺ مٿي ٿي ويندي آهي، ان جو مطلب اِهو ناهي ته سوليا نشان اچي ويو، پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فيلڊنگ سڌارڻي پوندي.

بابر اعظم چيو ته عالمي ڪپ ۾ هنيئر تائين اهڙي طرح بيٽنگ ناهي ڪئي جيئن ڪرڻ گهرجي، بيٽر طور ڀارت جي بالرز کي سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

پاڪستاني ڪپتان چيو ته ڀارت خلاف ميچ جو ڇا نتيجو نڪرندو خبر ناهي، اسان پراعتماد آهيون، ڪڏهن به ناهي سوچيو ته ڀارت خلاف ميچ جي ڪري ڪپتاني هلندي، هڪ ميچ لاءِ ڪپتاني ناهي ملي، قسمت ۾ هوندو تي ٽيم جي قيادت ڪندو رهندس.

هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن تي وڏي اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ جو دٻاءُ ناهي، اسان پراميد آهيون ته احمد آباد ۾ مدحن جي سپورٽ ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.