ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي فوري طور آزادي جي هدايت ڪري ڇڏي.
جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي سنڌ رفعت مختار صوبي جي 621 ٿاڻن جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
آءِ جي سنڌ اجلاس ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ مجموعي طور تي 621 ٿاڻا آهن، جن مان 66 جي صورتحال بهتر آهي، 315 ٿاڻن جون حالتون نارمل آهن ۽ 240 جي حالت ٺيڪ آهي.
ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي خادم حسين رند بريفنگ ڏيندي چيو ته جنوري کان 12 آڪٽوبر 2023 تائين اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف 887 انڪائونٽر ٿيا آهن، انڪائونٽرز ۾ 141 ڪرمنلز ماريا ويا، جڏهن ته 1051 زخمي ۽ 5976 پڪڙيا ويا، 44 ڪار لفٽر زخمي ٿيا.
نگران وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ ڪرائم هر صورت ۾ ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي، پوليس اسٽريٽ ڪرائم بابت ضروري قدم کڻي، اسان آهي ته اسان جا ٿاڻا ڪنهن ايمرجنسي صورتحال لاءِ تيار ناهن.
نگران وڏي وزير ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ڪچي ۾ مغوي ايس ايڇ اوز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار فوري طور آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته جيڪڏهن ٿاڻن مان ايس ايڇ اوز سميت اهلڪار ڌاڙيل کڻي وڃن ته باقي ڇا بچيو، اسان جي ٿاڻن جي حالت ڪمزور نظر اچي رهي آهي، ايس ايڇ اوز کي آزاد ڪرائي مون کي رپورٽ پيش ڪيو، ايس ايڇ اوز جي اغوا سان حڪومت جي بدنامي ٿي آهي.
You might also like