ايران غزا تي حملا بند نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسرائيل کي خبردار ڪري ڇڏيو

 

بيروت (ويب ڊيسڪ) ايران خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل غزا تي حملا بند نه ڪيا ته جنگ ۾ نئون محاذ کلي سگهي ٿو.
ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان لبنان جي تخت گاهه بيروت پهتو، جتي لبناني اختيارين سان گڏوگڏ حماس ۽ اسلامي جهاد جي نمائندن به سندس آجيان ڪئي.
ان موقعي تي صحافين سان گفتگو ڪندي ايراني پرڏيهي وزير حزب الله ڏانهن امڪاني اشارو ڪندي چيو ته غزا جي ناڪابندي ۽ اسرائيلي جنگي ڏوهن جي نتيجي ۾ نئون محاذ کلڻ امڪاني حقيقت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.