پاڪستان ۾ معاشي بحالي جي حوالي سان سٺي خبر سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان معاشي بحالي جي سفر تي هلي پيو، جنهن سان اوسر جي شرح ۾ به بهتري اچي رهي آهي.
مالي سال 2024 لاءِ اوسر جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين بهتر ٿي وئي ۽ 2023 لاءِ اها شرح 0.3 هئي.
آگسٽ 2023 تائين پاور جنريشن ۾ 14 سيڪڙو، ڊيزل سيل ۾ 11 سيڪڙو ۽ پيٽرول سيل ۾ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته سيپٽمبر 2023 ۾ پاڪستان جون برآمدون 1.15 کان 2.40 بلين ڊالر تائين پهچي چڪيون آهن.
پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي اوسر جي شرح ۾ 42 سيڪڙو جي رڪارڊ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ ڪپهه جي پيداوار 72 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي پيداوار 28 ملين ٽن تائين پهچي چڪي آهي، جڏهن ته چانورن جي پيداوار 9 ملين ٽن تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
سيپٽمبر ۾ واپاري خساري ۾ 48.2 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ ٻن مهينن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 50 رپين کان وڌيڪ لاٿ ٿي آهي.
ان کانسواءِ پاڪستان آءِ ايم ايف، عالمي ترقياتي بئنڪ ۽ ورلڊ بئنڪ کان مجموعي طور تي 1.4 ارب ڊالر وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.