پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ سونامي جو خطرو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مڪران جي سمنڊ ۾ موجود سبڊڪشن زون ۾ ڇهه ڏهائي پنج کان وڌيڪ شدت جي زلزلي اچڻ جي صورت ۾ پاڪستان جي سامونڊي علائقن کي سونامي جو خطرو ٿي سگهي ٿو.

سوناملي جپاني ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو سمنڊ جي سطح جي هيٺان ايندڙ زلزلي جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ لهرن لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

مڪران جي سامونڊي ڪناري کان 50 کان 100 ڪلوميٽر پري هڪ اهڙو سبڊڪشن زون موجود آهي جيڪو تمام گهڻو متحرڪ آهي.

ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته 1945ع ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجڻ واري خوفناڪ سونامي پنهنجو قدرتي ٽائم اسڪيل پورو ڪري چڪي آهي ۽ اِها شدت پڻ پڪڙي رهي آهي، اِهو ڪڏهن سونامي جو سبب بڻجندو اِها اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي پر ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ لاءِ پاڻ کي تيار رکڻ جي ضروري آهي.

زلزلي جي صورت ۾ سونامي اچڻ واري هنڌ کي ويهي شهر ۽ مُلڪن کي حفاظتي قدمن کڻڻ لاءِ ٻارنهن کان پندرنهن منٽ ئي ملي سگهندا، ان صورت ۾ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ مواصلاتي نظام کي مظبور بڻائڻ لاءِ انٽرو گورنمنٽل ڪو آرڊينيشن گروپ فار انڊيشن اوشن سونامي وارننگ اينڊ ميٽيگيشن سسٽم طرفان سونامي ايڪسرسائز سال ۾ ٻه ڀيرا ڪئي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.