سوشل ميڊيا پوسٽن تي معافي، زينب عباس ڀارت ڇڏڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ورلڊ ڪپ دوران سيڪيورٽي خدشن جي بنياد تي ڀارت ڇڏڻ واري پاڪستاني پريزينٽر زينب عباس نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.

ڪجهه ڏينهن هڪ ڀارتي وڪيل وينيت جندال الزام مڙهيو هو ته زينب عباس هندو مذهب ۽ ڀارت خلاف سوشل ميڊيا تي پيغام لکيا، هن سوشل ميڊيا تبصرن کي پريزينٽر سان منسوب ڪندي سندس خلاف درخواست داخل ڪئي ۽ زينب عباس جي ڀارت مان نيڪالي جو مطالبو ڪيو.

ان معاملي تي آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته زينب عباس براڊ ڪاسٽرز ۽ پنهنجي ميڊيا مئنيجر جي مشوري سان سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت ڇڏي ڏنو آهي، جڏهن ته ڀارتي وڪيل زينب عباس جي ڀارت ڇڏڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو هو.

ان سموري معاملي تي زينب عباس طرفان ڪو به بيان سامهون نه آيو هو پر هاڻ نيٺ هن خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ زينب عباس هڪ نوٽ لکيو جنهن ۾ چيو ته هوءَ خوش نصيب آهي جو کيس سموري دنيا ۾ ڪرڪيٽ تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، ڀارت ۾ سندس تجربو سٺو رهيو، ماڻهن سٺو ورتاءُ ڪيو.

زينب لکيو ته کيس ڀارت مان ڊي پورٽ ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي ڀارت ڇڏڻ جو چيو ويو، پر آن لائين ماڻهن جي ردعمل خوفزده ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته کيس ڀارت ۾ خطرو نه هو پر پاڻ کي وقت ڏيڻ پئي چاهيو جڏهن ته منهنجي ڪنهن پوسٽ سبب جن ماڻهن جي دل آزاري ٿي آهي انهن کان معذرت چاهيان ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.