ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل وڏو اعزاز ماڻي ورتو

دبئي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ سي سي سپٽيمبر جي مهيني جي مينز ۽ وومينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪيو هو.

آءِ سي سي طرفان اعلانيل نامزدگين ۾ پاڪستان جو ڪو به ڪرڪيٽر شامل نه هو جڏهن ته ڀارت جا ٻه ڪرڪيٽر نامزد ڪيا ويا هئا.

آءِ سي سي طرفان ڀارت جو اوپننگ بيٽر شُڀمَن گِل ۽ محمد سراج پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ٿيا هئا.

هاڻ ڀارتي بيٽر شُڀمَن گِل کي سپٽيمبرر ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي.

ٻئي پاسي سريلنڪا جي چيماري اٿاپٿو وومين پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.