سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي گهرو کاتي سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، هٿيارن جي نمائش تي پابندي قلم 144 تحت ۽ ڊي جي رينجرز جي سفارش تي ٽن مهينن لاءِ لڳائي وئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ڊيوٽي وقت پابندي کان آجا هوندا، سيڪيورٽي گارڊ صرف ڊيوٽي واري جاءِ تي هٿيار کڻي سگهندا.

نوٽيفڪيشن موجب، کليل گاڏي تي سفر دوران هٿيار گاڏي جي اندر رکيا وڃن، کليل گاڏي يا ڊالي ۾ هٿيارن جي نمائش تي پابندي هوندي، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قلم 188 تحت ڪيس داخل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.