ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مينهن وسائيندڙ اولهندي هوائن جي سلسلي جو سڀاڻي کان مُلڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو سينٽرل ۽ مٿانهين سنڌ تائين پکڙي سگهي ٿو، ان سسٽم تحت سورنهن کان سترنهن آڪٽوبر تي سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان سترنهن آڪٽوبر تي ڪراچي، ٺٽي ۽ بدين ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سجاول، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ حيدرآباد ۾ به هلڪو مينهن وسي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت ٻڌايو ته شهر ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ گهميل رهندي، ان دوران شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اولهه ۽ ڏکڻ اولهه کان هوائن به گُهلنديون رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.