احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ 14 آڪٽوبر ( سڀاڻي ) پاڪ-ڀارت ٽاڪري لاءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان نئين ٽيڪنيڪ اختيار ڪري ورتي.
ڀارتي ميڊيا موجب، محمد رضوان نيٽ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڪُلديپ ياديو جيان بالنگ ڪندڙ لفٽ آرم رسٽ اسپنر خلاف پريڪٽس ڪئي، ۽اسپن بالر خلاف سوئيپ ۽ ريورس سوئيپ شاٽ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته رضوان ڪنڊيشن کي نظر ۾ رکندي ڀرپورپريڪٽس ڪئي، ان دوران ٽيم ڊائريڪٽر مڪي آرٿر رانديگرن کي ڀارت خلاف حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو.