”ٻن مهينن کان جيل ۾ آهيان، ان جا ذميوار بنديال، اعتزاز ۽ لطيف کوسا آهن“

اسلام آباد  ( عوامي آواز نيوز ) اڊيالا جيل ۾ پنهنجي وڪيلن سان ملاقات ۾ عمران خان ڪاوڙ ۾ اچي انڪشاف ڪيو آهي ته  ٻن  مهينن کان جيل ۾ آهيان،  ان جا ذميوار عمر عطا بنديال، لطيف کوسا ۽ اعتزاز احسن آهن.

نامياري صحافي  راجا عاطف ذوالفقار جو چوڻ آهي ته  عمران خان وڪيلن کي چيوته  اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال، اعتزاز احسن ۽ لطيف کوساخاطري ڪرائي هئي ته هفتي يا 10 ڏينهن ۾ ضمانت  تي آزاد ٿي ويندس پوءِ ڇو ٻن مهينن کان جيل ۾ قيد آهيان.

عمران خان جي اهڙي سوال جو وڪيلن وٽ جواب  نه هو  ان ڪري خاموشي سان ملاقات ڪري واپس هليا ويا

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 13 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.