جنرل باجواتي غداري ۽ آمريڪا تي سازش جو وري الزام!

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) جيل ۾ رهڻ جو هاڻي عادي ٿي ويو آهيان، نه جهڪيو آهيان نه جهڪندس ۽ نه ئي ملڪ ڇڏي  ويندس.

نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته عمران خان کي هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته سائفر ڪيس ۾ کيس ڊگهو عرصو قيد ۾ رهڻو پوندو ان ڪري هن پنهنجو پراڻو موقف ورجائڻ شروع ڪيو آهي.

عمران خان جي آفيشل ٽوئيٽر تان ٽوئيٽ ٿيو آهي جنهن ۾ هن هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي سازش ۽ ڊونلڊڊو جو ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جنرل باجوه غداري ڪئي، هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺن، ٻاهر نڪرن ۽ ووٽ ڪن، ڇو ته عمران خان آمريڪا ۾ لابنگ ڪئي يورپ جي سفيرن ذريعي ڪوششون ڪيون پر کيس ڪاميابي نظر نه آئي.

پر سوال اهو آهي ته جيڪڏهن کيس سزا ملي ته پارٽي جو چيئرمين ڪير هوندو، اميدوارن کي ٽڪيٽ ڪير ڏيندو ۽ صحيح ڪير ڪندو ڇو ته عمران خان ڪنهن تي به اعتبار ڪرڻ لا تيار نه آهي، نه بشريٰ بي بي، نه ڀيڻ ۽ نه حامد خان تي اعتبار ڪري ٿو.

ان صورتحال ۾ ڇا پي ٽي آءِ حامي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندا، عمران خان جا حامي ته موجود هوندا پر قيادت نه هوندي، ان صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ جو پلان بي ڪهڙو هوندو، ڇو ته عمران خان کي ته هو جهڪائي يا حامين کان الڳ ڪري نه سگهيا آهن، ان ڪري عمران ڏٺو ته سندس سزا کان بچڻ مشڪل آهي ته هن پراڻو بيانيو ورجائڻ شروع ڪيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 13 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.