برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر نوازشريف کي الوداع ڪيو ؟

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) برطانيه ۾ پاڪستان جي مقرر هاءِ ڪمشنر هيٿرو هوائي اڏي تي نوازشريف کي  سعودي روانگي دوران الوداع ڪيو.

نامياري صحافي منصورعلي خان جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل جي نواز شريف سان الوداعي ملاقات جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي، جنهن کانپوءِ بحث ڇڙي  ويو آهي ته نواز شريف سزايافته قيدي آهي  ان جي ڪابه سرڪاري حيثيت نه آهي.

ان ڪري پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جو نواز شريف کي پروٽوڪول ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي ، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ڄاڻايل ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

ان باوجود سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ، هوڏانهن چيو وڃي ٿوته  ڊاڪٽر فيصل پي ٽي آءِ حامي آهي

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 13 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.