نواز شريف، جنرل عاصم منير ۽ عمران بااثر مسلمانن ۾ شامل

ڪراچي( ع آ نيوز) دنيا جي 500 بااثر مسلمانن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ڪيترائي پاڪستاني به شامل آهن. رائل  اسلامڪ اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز سينٽر دنيا جي 500 بااثر ترين مسلمانن جي فهرست جاري ڪئي آهي .

فهرست ۾ خدمت خلق، سائنس، ٽيڪنالاجي، ميڊيا، آرٽس اينڊ ڪلچر، سياست ۽ مذهبي معاملن ۾ انتظامي صلاحيتن سميت 13 ڪيٽيگرين ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 500 مسلمانن جا نالا شامل آهن.

پاڪستان جو آرمي چيف جنرل عاصم منير، نواز شريف، شهباز شريف، عمران خان، اسڪالر مفتي تقي عثماني، مولانا طارق جميل به فهرست ۾ شامل آهن. بااثر مسلمانن ۾ پروفيسر نقيب العطاس.

سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ترڪ صدر رجب طيب اردگان، مصري صدر الفتح السيسي، حماس جو سينيئر اڳواڻ اسماعيل هانيه به شامل آهي، جڏهن ته مصري فٽبالر محمد صلاح به فهرست جو حصو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 13 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.