عمران خان تبديل، پنهنجي سياسي زندگي جي غلطين تي غور جو پيغام

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران خان جي جيل مان صحت جي حوالي سان مختلف خبرون گردش ۾ آهن، هن جيل مان ڪهڙو پيغام ڏنو آهي؟ .

ناليواري اينڪر عاصمه شيرازي ۽ اجمل جامي چيو آهي ته عمران خان سان قانوني ٽيم جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي، ان ملاقات ۾ عمران خان چيو ته مان مقبول ليڊر آهيان،پاپولر ليڊر چونڊن ذريعي اچي سگهي ٿو، اليڪشن وقت تي ڪئي وڃي، هن سپريم ڪورٽ جي ڪالهوڪي فيصلي جي آجيان ڪئي.

عمران خان کي عورت قيدين تي ڳڻتي آهي،اليڪشن ٿي ته پي ٽي آءِ کي ڪاميابي ملندي، جيل مان هن پيغام موڪليو ته اڄوڪي عمران ۽ ڪالهوڪي عمران ۾ فرق آهي، مان جسماني،روحاني طور تي صحت مند آهيان.

پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ ڄاڻايو ته پنهنجي سياسي  زندگي جي گذريل سالن تي غور ڪري رهيو آهيان،مان ملڪ کان ٻاهر نه ويندس، هن جيل ۾ مڇرن ۽ کٽملن جو ذڪر ڪيو،هاڻي مان جيل جو عادي ٿي چڪو آهيان،پنهنجي مطالبن تان پٺتي نه هٽندس.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 13 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.