نگران نجڪاري نه ٿا ڪري سگهن، سرڪار غزا صورتحال تي عوام جي ترجماني ناهي ڪئي: رضا رباني

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته غزا جي صورتحال تي سينيٽ جو فوري طور اجلاس گهرايو وڃي.

پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته غزا ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ عمارتن کي تباهه ڪيو ويو،  23 لک ماڻهن کي پاڻي، کاڌي، بجلي جي فراهمي نه پئي ٿئي، اهڙي صورتحال ۾ سينيٽ جو اجلاس نه گهرائي نگران حڪومت پاڪستاني عوام جي جذبن جي عڪاسي نه پئي ڪري.

هن چيو نگران حڪومت کي خوف آهي ته سينيٽ اجلاس ٿيو ته ان جا اليڪشن ايڪٽ سيڪشن 230 مان تجويز ڪيل قدم وائکا ٿي ويندا.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت نيب ۾ ڀرتي نٿي ڪري سگهي، ڇو ته مدي واريون مقرريون هونديون آهن، جنهن کي چونڊيل حڪومت ختم نٿي ڪري سگهي، نگران حڪومت نجڪاري نٿي ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري جا وڏي وقت تائين اثر هوندا آهن، پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو نگران ڪابينا نٿي ڪري سگهي، اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڏسي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.