غزا ۾ عورتن ۽ ٻارن جي قتل عام تي اُشنا شاهه مڇرجي پئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل طرفان غزا تي بدترين بمباري کان پوءِ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ماڻهن طرفان به سخت مذمت ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ اُشنا شاهه به پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
اُشنا شاهه طرفان پنهنجي پيغام ۾ ”آزاد فلسطين“ ۽ ”آزاد غزا“ جي هيش ٽيگز جو به استعمال ڪيو ويو آهي.
اُشنا شاهه جو چوڻ هو ته اسرائيلين جي حمايت ڪندڙ ۽ سوشل ميڊيا تي جعلي خبرون پوسٽ ڪندڙ، جن طرفان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته حماس بيدردي سان اسرائيلي عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ڪري رهي آهي.
اهي اُهي يهودي ۽ آمريڪي آهن جن کي آئون سڃاڻان ٿي، هن چيو ته اوهان جي پوسٽن مان اوهان جهالت ظاهر ٿي رهي آهي.
اداڪارا جو چوڻ هوته اوهان جي لاعلمي ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اوهان سمجهو ٿا ته يهودين جي زندگي عربن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن اوهان جي ميڊيا ۽ ڪميونٽي اوهان کي تعجب جو شڪار ڪري رهي آهي ته اوهان تي آهي ته اوهان پاڻ کي تعليم ڏيو ۽ سچ کي پرکيو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته آئون اوهان طرفان جيڪي پوسٽون ڏسي رهي آهيان انهن کي ڏسي ڪنهن جو به حيانءُ ڏڪي ويندو، ڇو جو اهي يقين نه ڪرڻ جوڳي حد تائين غلط ڄاڻ تي ٻڌل آهن.
اُشنا شاهه وڌيڪ چيو ته اوهان مان گھڻا فنڪار آهن، اوهان کي همدردي هجڻ گھرجي ۽ ان صيهوني ذهنيت مان نڪرڻ گھرجي ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.