احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جو فاسٽ بالر جسپريت بمرا عالمي ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کان وڌيڪ پنهنجي امڙ سان ملڻ لاءِ بي چين آهي.
پاڪ-ڀارت وچ ۾ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد ۾ شيڊيول آهي ۽ جسپريت بمرا جو تعلق به احمد آباد سان آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڪالهه احمد آباد پهچي وئي هئي جڏهن ته ڀارتي ٽيم اڄ دهلي کان احمد آباد پهچندي.
ان ميچ بابت جسپريت بمرا افغانستان خلاف فتح کانپوءِ چيو ته پاڪستان خلاف ميچ کان اڳ پهرين ترجيح امڙ سان ملڻ آهي، مون لاءِ پهرين ترجيح ماءُ سان ملڻ آهي.
جسپريت بمرا چيو ته مان ڊگهي عرصي کان پنهنجي گهر ڀاتين کي پري رهيو آهيان، انڪري امڙ سان جلد کان جلد ملڻ چاهيان ٿو.
ڀارتي فاسٽ بالر چيو ته احمد ۾ پهريان ڪڏهن به ون ڊي ميچ ناهي کيڏي، پر ٽيسٽ ميچ کيڏي چڪو آهيان، ڇنڇر واري ڏينهن احمد آباد جو ماحول ڏاڍو شاندار هوندو ۽ وڏي انگ ۾ مداح ايندا، مون کي اميد آهي ته اِها ميچ سڀ کان بهترين هوندي.
ڀارتي ميڊيا موجب، جسپريت بمرا جي ماءُ دلجيت بمرا اسڪول پرنسپل آهي، ڀارتي فاسٽ بالر جڏهن پنج ورهين جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو هو، جنهن بعد دلجيت بمرا سندس اڪيلي سر پالنا ڪئي آهي.