ايراني صدر جو سعودي ولي عهد سان رابطو، اهم فيصلي تي اتفاق

حماس ۽ اسرائيل ۾ ويڙهه دوران ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان پهريون ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين طرفان تهران ۽ رياض وچ ۾ امن سمجهوتي کانپوءِ ايراني صدر ۽ محمد بن سلمان جو اهو پهريون رابطو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته فلسطينين خلاف جنگي ڏوهن جو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي.
هوڏانهن ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان غزا ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملن کي ”قتل عام“ جهڙو قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.