اڪشي ڪمار غربت جو دور ڪئين گذاريو؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڪشي ڪمار جي ڳڻت هن وقت ڪامياب ترين ڀارتي اداڪارن ۾ ٿيندي آهي جيڪو نه رڳو هِٽ فلمون ڏيندو آهي پر هڪ امير شخصيت به آهي.
تازو ئي ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ بالي ووڊ جي کلاڙي فلمن ۾ اچڻ کان اڳ پنهنجي زندگي ۽ ننڍپڻ بابت ڳالهايو، هن ٻڌايو ته هو امير خاندان سان واسطو نٿو رکي ۽ هن زندگي ۾ ڏکيائيون به ڏٺيون.
اداڪار ٻڌايو ته ننڍپڻ يا نوجواني ۾ پيسا گھٽ هوندا هئا، پر ان جي باوجود هن خوشحال دور گذاريو، فلمن ۾ اچڻ کان اڳ اداڪار ڊگھو عرصو دهلي ۾ رهيو، ان کان پوءِ ممبئي لڏي آيو.
اڪشي ڪمار ٻڌايو ته چاندني چوڪ تي هڪ ننڍي گھر ۾ اسان 24 ڄڻا رهندا هئاسين، سڀ هڪ ئي ڪمري ۾ سمهندا هئاسين، صبح جو جڏهن ورزش لاءِ اٿندا هئاسين ته سڀ ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي مٿان اورانگهي گذرندا هئاسين.
اداڪار موجب ممبئي منتقل ٿيڻ بعد هن هڪ ننڍو گھر مسواڙ تي ورتو جنهن جي هو 100 رپيا مسواڙ ڏيندو هو.
هن اهو به چيو ته خدا جو قسم ان وقت ڪو به ڏينهن اهڙو نه گذرندو هو جڏهن اسان کلندا نه هئاسين، هاڻي اسان وٽ پيسو آهي پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن اداس ٿي ويندا آهيون، پر ان وقت ڏک جي ڪا به ڳالهه نه هئي، اسان دال چانور، پٽاٽا، ڀينڊيون سڀ ڪجهه کائي خوش ٿيندا هئاسين.
اڪشي اهو به شيئر ڪيو ته هن جي خاندان ۾ هر هفتي فلم ڏسڻ لاءِ وڃڻ جي رسم هئي ۽ هو ان ڏينهن صبح جو کاڌو نه کائيندا هئا ته جيئن فلم جي ٽڪيٽ جا پيسا بچي سگھن.
هن اهو به انڪشاف ڪيو ته ستين جماعت ۾ هو فيل ٿي ويو هو جنهن جي ڪري هن سڄو سال ٻيهر پڙهيو، فيل ٿيڻ بعد پيءُ مون کي مارڻ آيو ۽ هن پڇيو ته آخر تون بڻجڻ ڇا پيو چاهين؟ جنهن آئون کيس جواب ڏنو ته اداڪار.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.