ڀارت خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ ڪنهن کي شامل ڪرڻ گهرجي؟ عامر ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر ڀارت خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي جو مشورو ڏنو آهي.

پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي چيو ته سندس خيال ۾ ڀارت ۾ جاري ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم کي هڪ تبديلي ڪرڻ گهرجي.

محمد عامر کان شو دوران سوال ڪيو ويو ته جيڪڏهن هو ٽيم مئنيجينٽ جو حصو هجي ها ته ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪهڙيون تبديليون آڻي ها؟ جنهن تي هن چيو ته مان ان بابت نه ڳالهائيندس ته ڪنهن کي ٽيم مان نيڪالي ڏني وڃي پر اساما مير کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

هن چيو ته ٽيم کي مڊل اوورز ۾ وڪيٽن جي ضرورت هوندي آهي ۽ هو اهڙي قسم جو بالر آهي جيڪو فارم آهي ۽ وڪيٽون وٺي رهيو آهي.

سندس چوڻ هوته ليگ اسپنر اساما مير کي پاڪستاني ٽيم جي پليئنگ اليون ۾ جو حصو هئڻ گهرجي، پر محمد عامر ان بابت نه ٻڌايو ته کيس ڪنهن جي جاءِ تي کيڏائڻ گهرجي .

هن وڌيڪ چيو ته اساما مير ٿوري بيٽنگ به ڪري سگهي ٿو انڪري سندس خيال آهي ته ٽيم کي ڀارت خلاف ميچ ۾ اساما مير کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ کپي.

ياد رهي پاڪ ڀارت ميچ 14 آڪٽوبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.