حماس اسرائيلي عورت کي ٻن ٻارن سميت آزاد ڪري ڇڏيو، وڊيو جاري

غزا (ويب ڊيسڪ) حماس اسرائيلي عورت کي ٻن ٻارن سميت آزاد ڪري ڇڏيو، مزاحمتي گروپ طرفان ان جي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ غزا جي پٽي ڀرسان هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن کي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
اها وڊيو حماس جي القسام بريگيڊ جاري ڪئي آهي، اربع جي رات الجزيرا تي نشر ٿيندڙ ان فوٽيج کي پري کان شوٽ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڻڄاتل عورت ۽ ٻارن کي ڏيکاريو ويو.
ٻڌايو پيو وڃي ته انهن کي حماس جي ويڙهاڪن سرحد تي ڇڏيو پر اهو واضح ناهي ته وڊيو ڪڏهن جي آهي.
هوڏانهن اسرائيل ان وڊيو کي ”ڊرامو“ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.