سائنسداننن ٻن وڏن سيارن جي هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ اڀرندڙ روشني جو مشاهدو پهريون ڀيرو ڪيو آهي.
سائنسدانن موجب ٻه وڏا سيارا اسان جي سج جهڙي پنهنجي ستاري جي ڀرسان ٽڪرائجي ويا، جنهن سان ايتري روشني پيدا ٿي جيڪا تان به زمين ڏسي سگھجي پئي.
نيڌرلينڊ جي Leiden يونيورسٽي ۽ برطانيا جي برسٽل يونيورسٽي جي محققن ان واقعي جو مشاهدو ڪيو ۽ سندن مڃڻ آهي ته ٻئي وڏا برفاني سيارا ان ٽڪراءَ کان پوءِ تباهه ٿي ويا ۽ پنهنجي پٺيان ملبو ۽ زمين کان به وڏا ٽڪرا ڇڏي ويا.
سائنسدانن اها دريافت ان وقت ڪئي جڏهن هڪ ماهر طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ ASASSN-21qj نالي ستاري جي ويجهو ان واقعي کي رپورٽ ڪيو.
اهو ستارو زمين کان 18 سئو نوري سال پري موجود آهي ۽ ان ماهر جو ڌيان ان پاسي ان ڪري ويو ڇو جو اوچتو ستاري جي چوڌاري روشني گھڻي وڌي وئي هئي ۽ پوءِ ختم ٿيڻ لڳي.
ان کان پوءِ سائنسدانن ستاري جو مشاهدو ڪيو ته جيئن سمجهي سگھن ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي.
هن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ستاري جي روشني ۾ تبديليون ڇو اچي رهيون آهن.
محققن ٻڌايو ته صحيح ڳالهه ته اها آهي ته ان دريافت اسان کي دنگ ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته اتي پيدا ٿيندڙ چمڪ سيارن جي ٽڪرائجڻ سان پيدا ٿيندڙ گرمائش جو نتيجو هئي.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي ڪاٿي ۽ ڪمپيوٽر ماڊلز موجب ان چمڪ جو ڪاٿو ٻن وڏن سيارن جي ٽڪرائجڻ جو نتيجو آهي.
سياري جي چوڌاري پکڙجندڙ ڌوڙ جلد صاف ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ ماهرن کي اميد آهي ته ان سان هو پنهنجي خيال جي تصديق ڪري سگھندا.
اهو نظارو زمين کان ڏسي سگھجي ٿو جڏهن ته ناسا جي جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ سان به ان جو مشاهدو ٿي سگھي ٿو، سائنسدان اهو ڏسي