پاڪ-ڀارت ٽاڪرو: اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار گرفتار

راجڪوٽ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ڀارت جي اهم ترين مقابلي کان اڳ احمد آباد اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

احمد آباد جي ڪرائم برانچ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي سي سي آءِ کي ڌمڪي جوڳي اي ميل جي الزام هيٺ گرفتار شخص جي سڃاڻپ ڪرن ماوي طور ٿي آهي جيڪو مڌيه پرديش جي شهر ڌار جو رهواسي آهي.

ڪرائم برانچ اختيارين ٻڌايو ته گرفتار جوابدار خلاف ڀارتي پئنل ڪوڊ جي قلم 505(1) بي ۽ 506( 2) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته گرفتار جوابدار 14 آڪٽوبر تي شيڊويلڊ پاڪ-ڀارت ميچ دوران احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي ڌماڪي سان اُڏائڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.