سٺي خبر، سون جي اگهه ۾ وري هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون مهانگو ٿيڻ باوجود پاڪستان ۾ اگهن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ 13 ڊالر واڌ سان في اونس سون جي قيمت 1885 ڊالر ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 7 هزار 800 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 6 هزار 684 رپيا لاٿ ٿي آهي.
اگهن ۾ لاٿ سبب مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 97 هزار 200 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 69 هزار 70 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.