ڇا ٻه هزار سال اڳ به عورتون ميڪ اپ ڪنديون هيون؟

قديم آثارن جي ماهرن ٻه هزار سال پراڻو عورتن جي ميڪ اپ جو دڪان دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته ٻه هزار سان اڳ به عورتون ميڪ اپ ڪنديون هيون.
برطانوي خابرو ادري موجب ٻه هزار سان اڳ ميڪ اپ جو دڪان رومي دور ۾ اهم سياسي ۽ اقتصادي مرڪز سمجهيو ويندڙ شهر ايزونوئي ۾ دريافت ڪيو ويو آهي جيڪو هن دور ۾ اولهه ترڪيه جو حصو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قديم ميڪ اپ جي دڪان مان دريافت ڪيو نوادرات ۾ پرفيوم ڪنٽينر، ميڪ اپ پراڊڪٽس جن ۾ آءِ شيڊو ۽ بلش شامل آهن.
رپورٽ ۾ خيال ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو ميڪ اپ ٻه هزار سال اڳ رومي عورتون استعمال ڪنديون هيون.
دريافت ڪيل ميڪ اپ جي دڪان اندر هڪ خاص ۽ دلچسپ دريافت سيپيون جي آهي جنهن کي قديم دور جون عورتون ميڪ اپ ڪنٽينر طور استعمال ڪنديون هيون ان سيپيون ۾ مختلف رنگ جا بلش آن ۽ آءِ شيڊو به موجود هئا.
ٻي پاسي ايزونوئي جي قديم آثارن جي ماهرن ئي شهر جي اندر هڪ ٻيو دڪان به دريافت ڪيو آهي جنهن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اتي مبينا طور تي زيور ۽ ڪاسميٽڪ شيون وڪرو ڪيون وينديون هيون.
قديم آثارن جي ماهرن کي ان دڪان اهڙين شين سان گڏوگڏ هار ۽ وارن لاءِ مختلف موتين جي مالا به ملي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.